پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه

پاٽائي، مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه: مخدوم فضل الله سيوهڻ جي صديقي خاندان جو هڪ وڏو عالم ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي. هيءُ خاندان اصل ۾ پاٽ جو ئي آهي ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير جو اولاد آهي. مخدوم فضل الله پاٽ ۾ اچي درسگاهه قائم ڪئي ۽ اتي سڪونت اختيار ڪرڻ ڪري پاٽائي مشهور ٿيو. هن بزرگ ڳوٺ کنياري (ضلعو نوابشاهه) جي مخدوم محمد يوسف کان پنهنجي علم جي تڪميل ڪئي ۽ ان کان ئي طريقت ۾ بيعت وٺي خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مڏئي واري جو وڏو خليفو هو، مخدوم فضل الله فارسي جو وڏو شاعر هو. کياري مسجد جي تعمير جي تاريخ سندس چيل آهي. پنهنجي مرشد ۽ استاد مخدوم محمد يوسف جي وفات تي پڻ گهڻا ماده تاريخ لکيا اٿس. مخدوم فضل الله هڪ وڏو فقيهه ۽ مدرس پڻ هو، سندس شاگردن مان مخدوم قاضي شفيع محمد صديقي پاٽائي جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو پڻ هڪ وڏو فقيهه ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مخدوم فضل الله 1290هه/1873ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو